شهداد پور جي سرڪاري اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غفلت سبب ويم لاءِ آندل عورت فوتي ٿي وئي، عورت جي وارثن اسپتال آڏو روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو

شهداد پور جي سرڪاري اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غفلت سبب ويم لاءِ آندل عورت فوتي ٿي وئي، عورت جي وارثن اسپتال آڏو روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، هنن چيو آهي ته معاملي جي جاچ ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

 شهداد پور انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز  ۾ ويم لاءِ آندل نئي بستي جي رهواسي عورت ريشما فوت ٿي وئي، فوتي ڳورهاري عورت جي وارثن پاران ليڊي ڊاڪٽرياڻين تي غفلت جو الزام هنيو ويو ۽ سخت احتجاج ڪيو آهي.

  فوت ٿيل عورت جي وارثن لاش اسپتال آڏو روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو ۽ زوردار نعريبازي ڪئي.

 انهي موقعي تي هنن الزام هڻندي چيو ته اسان فوتي عورت کي ويم لاءِ هڪ ڏينهن اڳ اسپتال ۾ داخل ڪيو جتي ليڊي ڊاڪٽرياڻي جي غفلت سبب هو فوت ٿي آهي.

 هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي جاچ ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*