نوابشاهه ويجهو خوفناڪ روڊ حادثي جي نتيجي ۾زخمي ٿيل هڪ عورت فوت ٿي وئي جنهن بعد حادثي جي فوتين جوانگ 13 ٿي ويو آهي

نوابشاهه ويجهو خوفناڪ روڊ حادثي جي نتيجي ۾زخمي ٿيل هڪ عورت فوت ٿي وئي جنهن بعد حادثي جي فوتين جوانگ 13 ٿي ويو آهي، زخمي ٿيلن جو علاج ڪيو پيو وڃي، پوليس ڪارروائي ڪندي ڪوچ ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو.

قلندر آباد اسٽاپ وٽ ڪراچي کان پنجاب ويندڙ مسافر ڪوچ ۽ ٻانڌي کان نوابشاهه ويندڙ وين وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن ۾ پٺيان ايندڙ ڪار ۽ ٻه موٽرسائيڪلون به گاڏين سان ٽڪرائجي ويون.

حادثي جي نتيجي ۾ وين ۾ سوار 12 مسافر فوت ۽ 16  ڄڻا زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي امدادي ٽيمن حادثي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي نوابشاهه پي ايم يو اسپتال منتقل ڪيو.

پي ايم يو اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد 12 فوتين جا لاش سندن وارثن حوالي ڪيا ويا آهن.

حادثي ۾ فوت ٿيلن جي سڃاڻپ ٻانڌي واسي 15 ورهين جو راشد گجر، 13 ورهين جي اقراءَ، 8 ورهين جي ڪرن گجر، مير حسن جمالي، وين ڊرائيور 50 ورهين جو ڪريم بخش گدارو، پيرسن الهه ڏنو، 25 ورهين جو ظفر علي، عبدالغني، اختر ڏاهري، آصف، شازيه ۽ زينب طور ڪئي وئي آهي.

زخمين ۾ نسيم، ثنا، شازيه، شهناز، عبدالغفور ميرجت، بدر، شفيع، محمد علي، اعجاز ۽ اصغر ڏاهري شامل آهن.

 ٻئي طرف صبح جي وقت اڄ حادثي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل هڪ عورت فوت ٿي وئي آهي.

 رپورٽ موجب 35 ورهين جي سڪينه ڏاهري نوابشاهه اسپتال ۾ علاج دوران زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڌڻي جي حوالي ڪيو. ضروري ڪارروائيءَ کان پوءِ سندس مڙهه وارث ڳوٺ کڻائي ويو.

نوابشاهه پوليس ڪوچ ڊائيوار محمد اقبال ملڪ کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*