سڪرنڊ ڀرسان جوابدارن گهر  ۾ گهڙي عورت کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي

سڪرنڊ ڀرسان جوابدارن گهر  ۾ گهڙي عورت کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي، واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

چوٿون ميل ڀرسان هڪ گهر ۾ جوابدارن ڪهاڙين جا وار ڪري مسمات حاجياڻي چنو کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا.

ڳوٺاڻن جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

پوليس موجب واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

 ناري جي والد خدا بخش روئيندي ٻڌايو ته ظالمن ساڻس ظلم ڪيو آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*