قمبر ويجهوگولي لڳڻ جي نتيجي ۾ 7 ورهين جي ٻارڙيءَ مارجي وئي،پوليس موجب ٻارڙي جي وارثن واقعي کي اتفاقي قرار ڏئي وڌيڪ ڪارروائي کان انڪارڪيو آهي

قمبر ويجهوگولي لڳڻ جي نتيجي ۾ 7 ورهين جي ٻارڙيءَ مارجي وئي،پوليس موجب ٻارڙي جي وارثن واقعي کي اتفاقي قرار ڏئي وڌيڪ ڪارروائي کان انڪارڪيو آهي.

ڳوٺ خان واهه ۾ 7 ورهين جي ٻارڙيءَ گلان چانڊيو سيني ۾ پسٽل جي گولي لڳڻ سبب مارجي وئي.

اطلاع تي دوست علي بنگلاڻي ٿاڻي جي  پوليس پهچي ٻارڙي جولاش تحويل ۾ وٺي قمبر جي اسپتال منتقل ڪيو، جتي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن جي حوالي ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب مارجي ويل ٻارڙيءَ گلان چانڊيو جي وارثن واقعي کي  اتفاقي قرار ڏئي وڌيڪ ڪارروائي کان انڪار ڪيو آهي.

هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهي ته ٻارڙيءَ کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وارثن واقعي بابت ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*