ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪيس جي ٻڌڻي 11 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪيس جي ٻڌڻي 11 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ايم ڪيو ايم باني سميت ٻين روپوش جوابدارن جا ٻيهر گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا.

عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجا اظهار، عامر خان، شاهد پاشا، امجد خان ۽ ريحان هاشمي پيش ٿيا.

عدالت ايم ڪيو ايم باني سميت ٻين روپوش جوابدارن جا ٻيهر وارنٽ جاري ڪندي ٻڌڻي 11 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا اظهار چيو ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم اتحاد بابت عمران خان جي بيان جي باري ۾ ڪجهه چئي نٿو سگهان، ڇاڪاڻ ته عمران خان پاڻ ئي پنهنجو بيان تبديل ڪري ڇڏيندو آهي.

هن چيو ته هن ڀيري پ پ جي حڪومت ناهي، هتان جي شهرين پ پ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

خواجا اظهار چيو ته 25 جولاءِ تي تبديلي ايندي، ايم ڪيو ايم جا اميدوار ڪامياب ٿيندا، عوام کي صبر جو  فائدو ملڻ وارو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*