سنڌ ۾ گورنر راڄ جي ڪا به تجويز غور هيٺ نه آهي، خواجه سعد رفيق

ريلوي جي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته سنڌ ۾ گورنر راڄ جي ڪا به تجويز ويچار هيٺ نه آهي، ڪراچيءَ جي ڳوڙهي جي سرجري ڪبي ته تڪليف ٿيندي، ڪنهن به پارٽي ۾ سڀ سٺا يا سڀ خراب ماڻهو نه ٿيندا آهن.

لاهور ۾ ڳالهائيندي ريلوي جي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته سنڌ ۾ گورنر راڄ جي حوالي سان ڪا به تجويز وفاق وٽ غور هيٺ نه آهي، جڏهن ته ڪراچي آپريشن لاءِ ڳالهائيندي خواجه سعد رفيق جو چوڻ هو ته ڳوڙهي جي سرجري ڪبي ته تڪليف ضرور ٿيندي.

هن چيو ته سياسي پارٽين کي گهرجي ته اهي پنهنجو احتساب پاڻ ڪن، ڪنهن به پارٽي ۾ سڀ ڀلا يا سڀ خراب ماڻهو نه هوندا آهن، سندس اهو به چوڻ هو ته ڏاڍ ۽ ڌمڪي  جي سياست جو ڪو به مستقبل نه آهي، ڪاوڙ ۾ اچي فوج کي ڳالهائڻ ڪنهن به ريت سٺو عمل نه آهي.

عمران خان بابت ڳالهائيندي خواجه سعد رفيق چيو ته هو آهستي آهستي سکي رهيو آهي ۽ کيس ڳالهيون به سمجهه ۾ اچي رهيون آهن.

هن چيو ته شادي کانپوءِ عمران خان ۾ سنجيدگي اچي رهي آهي، جڊيشل ڪميشن بابت خواجه سعد رفيق جو چوڻ هو ته اهڙو فيصلو ڪنهن جي هار يا جيت نه آهي.

ريلوي بابت ڳالهائيندي به خواجه سعد رفيق انتهائي اهم ڳالهه ڪئي ته ريلوي ۾ جيڪي نيون انجڻيون شامل ڪيون پيون وڃن، انهن ۾ بليڪ باڪس هوندو، جڏهن ته 20 نيون انجڻيون جلد پاڪستان ريلوي جو حصو ٿي رهيون آهن.

Comments

  1. Asif Ali
    Asif Ali 22 March, 2015, 08:03

    No comment

    Reply this comment

Write a Comment

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*