ڪراچي جي مقامي عدالت مني لانڊرنگ الزام هيٺ گرفتار ٿيل خانگي بئنڪ سربراهه حسين لوائي ۽ طاهر رضا کي 11 جولاءِ تائين جسماني رمانڊ تي  ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي مقامي عدالت مني لانڊرنگ الزام هيٺ گرفتار ٿيل خانگي بئنڪ سربراهه حسين لوائي ۽ طاهر رضا کي 11 جولاءِ تائين جسماني رمانڊ تي  ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو، حسين لوائي کي گذريل ڏينهن ايف آءِ اي گرفتار ڪيو هو.

ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته حسين لوائي پاران گذريل ڏينهن آفيس ۾ سوالن جا مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏيڻ سبب کيس گرفتار ڪيو ويو هو.

ايف آءِ اي جي عملدارن چيو ته حسين لوائي تي جعلي بئنڪ اڪائونٽ ذريعي اربين روپيا مني لانڊرنگ جو الزام آهي.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي حسين لوائي چيو ته منهنجو مني لانڊرنگ ڪيس سان ڪو به واسطو ناهي، مون کان ڪا به رڪوري ناهي ٿي.

هن چيو ته مان بئنڪ جو صدر آهيان، 2014 ۾ به انڪوائري ڪئي وئي هئي،مون کي خبر ناهي آصف زرداري يا ڪنهن ٻي سبب ڪري گرفتاري ڪيو ويو آهي.

حسين لوائي چيو ته وقت ٻڌائيندو ته مون کي نشانو ڇو بڻايو پيو وڃي، فيصلو اچڻ  ۾ ڪجهه دير آهي پر وقت تي سڀ معلوم ٿي ويندو ته ڪيس پٺيان ڪير آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*