صادق آباد  ڀرسان ڇهن ورهين جي ٻارڙي جو ڪمند جي فصل مان تشدد ٿيل لاش هٿ ڪيو ويو آهي

صادق آباد  ڀرسان ڇهن ورهين جي ٻارڙي جو ڪمند جي فصل مان تشدد ٿيل لاش هٿ ڪيو ويو آهي، وارثن جو چوڻ آهي ته ٻارڙو ڪجهه ڏينهن اڳ گم ٿي ويو هو، کيس زيادتي بعد بي دردي سان قتل ڪيو ويو آهي.

صادق آباد جي ماکن شاهه واري علائقي ۾ ڇهن ورهين جي ٻارِڙي صداقت جو ڪمند جي فصل مان گهٽا ڏنل لاش هٿ ڪيو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ٻارڙي جي جسم تي تشدد جا نشان مليا آهن ۽ کيس گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد جاچ ۾ وڌيڪ اڳڀرائي ٿيندي.

وارٿن جو چوڻ هو ته ٻارڙو ڪجهه وقت اڳ گم ٿي ويو هو جنهن بعد کيس زيادتي جو نشانو بڻائي بي دردي سان قتل ڪيو ويو آهي.

وارثن جو وڌيڪ چوڻ هوته معاملي جي درست نموني جاچ ڪرائي قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏئي ساڻن انصاف ڪيو وڃي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*