آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل ۾ نيب هٿان گرفتار وزير اعظم جي اڳوڻي پرنسپال سيڪريٽري فواد حسن فواد جي گهر تي ڇاپي دوران اهم دستاويز

آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل ۾ نيب هٿان گرفتار وزير اعظم جي اڳوڻي پرنسپال سيڪريٽري فواد حسن فواد جي گهر تي ڇاپي دوران اهم دستاويز، ليپ ٽاپ، بليڪ بيري موبائيل جي ڊيٽا سميت ٻيو اهم رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو آهي، ذريعن موجب فواد حسن فواد جي گهر مان 30 کان وڌيڪ يو ايس بيز به هٿ ڪيون ويون آهن.

ذريعن موجب نيب اختيارين فواد حسن فواد جي گهر تي ڇاپو هڻي اهم دستاويز، ليپ ٽاپ ۽ ٻيو سامان تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب نيب اختيارين فواد حسن فواد جي بليڪ بيري موبائيل جي ڊيٽا حاصل ڪري ورتي آهي، جڏهن ته سندس گهر مان 30 کان وڌيڪ يو ايس بيز به هٿ ڪيون ويون آهن.

واضح رهي ته آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل ۾ وزير اعظم جي اڳوڻي پرنسپال سيڪريٽري فواد حسن فواد کي عدالت 11 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي ڪيو هو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*