نيب جي درخواست تي نواز شريف جي ناٺي ڪيپٽن (ر ) صفدر جو نالو بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي

نيب جي درخواست تي نواز شريف جي ناٺي ڪيپٽن (ر ) صفدر جو نالو بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايون فيلڊ ريفرنس جي فيصلي خلاف شريف خاندان اپيلون تيار ڪري ورتيون آهن،جيڪي سومر ڏينهن عدالت ۾ داخل ڪيون وينديون.

ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا کانپوءِ نيب جي درخواست تي نواز شريف جي ناٺي ڪيپٽن (ر ) صفدر جو نالو بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي ، جنهن تحت ڪيپٽن ر صفدر ملڪ کان ٻاهر نٿو وڃي سگهي.

هوڏانهن ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا خلاف نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن ( ر ) صفدر پاران اپيلون تيار ڪيون ويون آهن، جن تي ٽنهي ڄڻن پاران صحيحون به ڪيون ويون آهن.

شريف خاندان پاران ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو سومر ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*