مورو ڀرسان گهرو پريشانين کان تنگ آيل پيرسن ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي

مورو ڀرسان گهرو پريشانين کان تنگ آيل پيرسن ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي.

 ڳوٺ جگنو خان لغاري ۾ 50 ورهين جي سوائي لغاري گهر آڏو وڻ ۾ پاڻ کي لٽڪائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.

 اطلاع تي سڌوجا پوليس واقعي جي هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

 ان موقعي تي آپگهات جو انتهائي قدم کڻندڙ سوائي لغاري جي وارثن پاران ميڊيا کي ٻڌايو ويو ته گهرو پريشانين کان تنگ ٿي پيرسن پنهنجي حياتيءَ جو خاتمو ڪيو.

 پوليس سڌوجا ٿاڻي تي واقعي جي رپورٽ داخل ڪري ورتي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*