نوابشاهه، نوشهرو فيروز ۽ ڪنري ۾ ن ليگ ڪارڪنن پاران احتساب عدالت جي فيصلي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا
نوابشاهه، نوشهرو فيروز ۽ ڪنري ۾ ن ليگ ڪارڪنن پاران احتساب عدالت جي فيصلي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
احتساب عدالت پاران اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، سندس ڌيءُ مريم نواز شريف ۽ ناٺي ڪيپٽن صفدر خلاف فيصلو ڏيڻ خلاف نوابشاهه پريس ڪلب آڏو نون ليگ جي ڪارڪنن عبدالحميد کوسو، نازو ڌاريجو، ارشد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري فيصلي خلاف زوردار نعريبازي ڪئي.
نوشهروفيروز ۾نوازشريف ۽ مريم نواز کي سزا خلاف نواز ليگ جي ڪارڪنن پريس ڪلب پهچي زاهد رند، منظور مغل ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو.
ڪنري ۾ نون ليگ جي ڪارڪنن نيلم ڪماري ۽ عبدالمنيم خان جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو.
ان موقعي تي هنن چيو ته احتساب عدالت جي آيل فيصلي تي کين خدشا آهن ۽ هو پنهنجي پارٽيءَ قائد ميان نوازشريف سان هر حال ۾ گڏ بيهندا……….