ٽنڊي ڄام ۾ ضلعي انتظاميا پاران ڪارروائي ڪري سرڪاري آفيسن جي حدن ۾ سياسي پارٽين جا چونڊ مهم جي سلسلي ۾ لڳايل اشتهار لاٿا ويا

ٽنڊي ڄام ۾ ضلعي انتظاميا پاران ڪارروائي ڪري سرڪاري آفيسن جي حدن ۾ سياسي پارٽين جا چونڊ مهم جي سلسلي ۾ لڳايل اشتهار لاٿا ويا.

اسسٽنٽ ڪمشنر اعجاز جتوئي جي نگراني هيٺ پوليس اهلڪارن ٽنڊي ڄام ۾ سرڪاري آفيسن ڀرسان چونڊ مهم جي سلسلي ۾ لڳايل پارٽين جا بينرز ۽ جهنڊا لاٿا ويا.

ان موقعي تي انتظامي عملدار ميڊيا کي ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن جي هدايتن تي عمل ڪندي سرڪار حدن ۾ لڳايل پارٽين جا بينرز ۽ جهنڊا لاٿ پيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*