ڪراچي پوليس ڪارروائي ڪري ڏوهن ۾ ملوث ٻن پوليس اهلڪارن سميت 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

ڪراچي پوليس ڪارروائي ڪري ڏوهن ۾ ملوث ٻن پوليس اهلڪارن سميت 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ايس ايس پي سينٽرل عرفان بلوچ ۽ ايس ايس پي ويسٽ ڊاڪٽر رضوان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ويسٽ زون ۾ پوليس ڪارروائي ڪري 5 جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، جن ۾ 2 پوليس اهلڪار شامل آهن.

عرفان بلوچ چيو ته گرفتار جوابدارن ۾ پوليس اهلڪار زبير ۽ خاش ناياب، دانيال، عمران عرف چواني ۽ اياز شامل آهن.

هن چيو ته پوليس اهلڪار زبير جو تعلق اتحاد ٽائون ۽ خاش ناياب جو تعلق سي ٽي ڊي سان آهي.

ايس ايس پي ويسٽ ڊاڪٽر رضوان چيو ته ڪارروائي دوران هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، هٿيار هڪ سياسي پارٽي جي جوابدارن جا آهن.

ايس ايس پي ويسٽ ڊاڪٽر رضوان چيو ته هٿ آيل هٿيارن ۾ 2 ايس ايم جي ، 2 ٽي ٽي پسٽل ۽ ڏيڍ سئو  کان وڌيڪ رائونڊ شامل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*