سيري ويجهو ڳوٺ ۾ بجلي جي تارن مان چڻنگ سبب 6 گهر کي باهه وڪوڙي وئي، نتيجي ۾ هڪ ڳوٺاڻو سڙي زخمي ٿي پيو

سيري ويجهو ڳوٺ ۾ بجلي جي تارن مان چڻنگ سبب 6 گهر کي باهه وڪوڙي وئي، نتيجي ۾ هڪ ڳوٺاڻو سڙي زخمي ٿي پيو، جڏهن ته گهرن ۾ پيل اناج، 2 موٽرسائيڪلون ۽ ٻه ٻڪريون به سڙي ويون.

ڳوٺ حاجي دوست محمد نوناري  ۾ بجلي جي تارن مان چڻنگ سبب حاجي حاجاڻو، امان الله، ڏاڏو ميگھواڙ ۽ حسن ملاح سميت 6 ڳوٺاڻن جي گهرن کي باهه وڪوڙي وئي.

ڳوٺاڻن فائر برگيڊ عملي کي واقعي جو اطلاع ڏنو ۽ پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران ڳوٺاڻو حسن ملاح سڙي زخمي ٿي پيو.

فائر برگيڊ پهچڻ تائين 6 ڳوٺاڻن جا گهر ۽ گهرن ۾ پيل اناج، 2 موٽرسائيڪلون ۽ ٻه ٻڪريون سڙي ويون.

الهه تلهه سڙي وڃڻ سبب باهه متاثر کليل آسمان هيٺ واهر جا منتظر ويٺل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*