ڀرياسٽي ويجهو قومي شاهراه تي ٽرالر  ۽ مزدا گاڏي وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 4 واپاري زخمي ٿي پيا

ڀرياسٽي ويجهو قومي شاهراه تي ٽرالر  ۽ مزدا گاڏي وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 4 واپاري زخمي ٿي پيا.

قومي شاهراهه تي گهوٽڪي کان حيدرآباد ويندڙ مزدا گاڏي کي ٽرالر ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ مزدا ڊرائيور شوڪت علي  فوت ۽ 4 واپاري زخمي ٿي پيا.

حادثي سبب فوتي ۽ زخمين مجنون لنجواڻي، غلام محمد، شاهد علي، حاجن سخت زخمي ٿي پيا، جن مان هڪ ڄڻي مجنون کي نازڪ حالت ۾ نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

جڏهن ته فوتي ڊرائيور شوڪت علي  جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ ڀريا اسپتال آندو ويو آهي، ٽرالر ڊرائيور فرار ٿي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*