پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه اوچتو طبيعت خراب ٿيڻ سبب بلوچستان جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه اوچتو طبيعت خراب ٿيڻ سبب بلوچستان جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو، ڊاڪٽرن طرفان خورشيد شاهه کي آرام جو مشورو ڏنو ويو آهي.

سکر ۾ چونڊ مهم دوران پيپلز پارٽي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جي طبيعت اوچتو خراب ٿي پوڻ سبب هن کي فوري طور  اين آءِ سي وي ڊي اسپتال نيو ويو، جتي ڊاڪٽرن چيڪ اپ ڪرڻ بعد آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو.

ڊاڪٽرن موجب چونڊ مهم ۾ آرام نه ڪرڻ ۽ ٿڪاوٽ  سبب خورشيد شاهه جي طبيعت خراب ٿي پئي، هن کي آرام جو مشورو ڏنوآهي.

هوڏانهن سيد خورشيد شاهه جي ترجمان جو چوڻ آهي ته خورشيد شاهه کي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ اڄ بلوچستان وڃڻو هو، طبيعت جي خرابي سبب دورو ملتوي ڪيو ويو آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*