سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير سيد ظفر علي چيو آهي ته نگران حڪومت جو ڪم صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ آهي

سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير سيد ظفر علي چيو آهي ته نگران حڪومت جو ڪم صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ آهي، ماڻهن کي سيکارڻ جي ضرورت آهي، جيئن ووٽ جو صحيح استعمال ڪن.

ڪراچي ۾ قائد اعظم جي مزار تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي نگران وفاقي وزير سيد ظفر علي چيو ته مان وفاق جو نمائندو آهيان، نيوٽرل بنياد تي ڪم ڪري رهيا آهيون.

هن چيو ته جيڪڏهن ڪو اميدوار پئسا ڏئي چينل جو وقت خريد ڪري ٿو ته ان خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ شڪايت ڪري سگهجي ٿي.

سيد ظفر علي چيو ته سرڪاري ميڊيا سڀني سياسي پارٽين جي اميدوارن کي ڪوريج ڏيندي، اليڪشن ڪميشن ۽ پيمرا جيڪي به قانون ٺاهيندا، انهن تي عمل ڪرايو ويندو.

سيد ظفر علي چيو ته ڪنهن به صوبائي حڪومت کي وفاق جي ڪا ضرورت هوندي ان جي مدد ڪنداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*