اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته گهرواري جي طبيعت بهتر ٿيندي ئي ڏينهن ورندس

اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته گهرواري جي طبيعت بهتر ٿيندي ئي ڏينهن ورندس،خبرآهي ته مونکي ايئرپورٽ تان ئي گرفتار ڪيو ويندو، ڪنهن کي به سياسي پناهه جي لاءِ درخواست نه ڏيندس.

لنڊن مان جاري ڪيل بيان ۾ نواز شريف جو چوڻ هو ته ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا ٻڌائڻ بعد هو قانوني ماهرن سان مشورا ڪري رهيو آهي.

نواز شريف جو چوڻ هو ته گهرواري جي جو لنڊن ۾ علاج جاري آهي، سندس طبعيت بهتر ٿيندي ئي هو ڏيهه موٽي ايندو.

نواز شريف جو چوڻ هو ته کيس خبر آهي مونکي ڏيهه پهچڻ وقت ايئرپورٽ تان ئي گرفتار ڪيو ويندو، مون ڪنهن کي به سياسي پناهه جي لاءِ درخواست ناهي ڏني.

نواز شريف جو چوڻ هو ته ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو اچڻ بعد هو قانون ماهرن سان مشورو ڪري رهيو آهيئ……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*