ارسا پاران تربيلا ۾ پاڻي جي سطح سڀاڻي تائين ڊيڊ ليول تائين پهچڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي

ارسا پاران تربيلا ۾ پاڻي جي سطح سڀاڻي تائين ڊيڊ ليول تائين پهچڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي، ترجمان پاران جاري ڪيل ايڊوائيزري موجب، سڀاڻي تائين تربيلا ڊئم ۾ پاڻيءَ جي سطح ڊيڊ ليول 13 سئو 86 فُٽ تائين پهچي ويندي.

ارسا ترجمان جو چوڻ آهي ته سڀاڻي تائين تربيلا ڊئم ۾ پاڻيءَ جي سطح ڊيڊ ليول 13 سئو 86 فُٽ تائين پهچي ويندي.

 ارسا موجب هن وقت ڊئم ۾ پاڻي جي سطح 13 سئو 87 ڏهائي 82 فُٽ آهي.

 ارسا ترجمان موجب، سنڌ کي هڪ لک 60 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويو آهي، جڏهن ته بلوچستان کي 16 ۽ ڪي پي کي 31 سئو ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويو آهي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*