ڪراچي ۾ اڳوڻي ڪپتان جاويد ميانداد اين اي 244 تي پي ٽي آءِ اميدوار علي زيدي کي عمران خان لاءِ پان جو تحفو ڏنو

ڪراچي ۾ اڳوڻي ڪپتان جاويد ميانداد اين اي 244 تي پي ٽي آءِ اميدوار علي زيدي کي عمران خان لاءِ پان جو تحفو ڏنو، جاويد ميانداد چيو ته مان شارجا ۾ پان کائي ڀارتي ٽيم خلاف ڇڪو هنيو هو.

جاويد ميانداد پي ٽي آءِ اميدوار علي زيدي سان ملاقات ڪري کيس عمران خان لاءِ پان تحفي طور ڏنو.

هن چيو ته عمران خان لاءِ پنهنجي هٿن سان پان تيار ڪري عمران خان لاءِ علي زيدي کي ڏنو آهي، هڪ پان علي زيدي کي پڻ کارايو.

ملاقات دوران جاويد ميانداد علي زيدي جي ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*