تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيوآهي ته نواز شريف کي پنهنجي غلطين جي سزا ملي آهي

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيوآهي ته نواز شريف کي پنهنجي غلطين جي سزا ملي آهي، سڀني کي خبر هئي ته نواز شريف ڪوڙ مٿان ڪوڙ پيو ڳالهائي، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن طاقتور کي سزا ملي آهي، قانون سڀني لاءِ برابر هئڻ گهرجي.

گولڙه شريف ۾ علماءُ مشائخ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عمران خان جو چوڻ هو ته  ليڊر اهو هوندو آهي، جيڪو عوام تي پئسا خرچ ڪري.

عمران خان جو چوڻ هو ته ميچ کٽڻ تي استقبال ۽ هارائڻ تي ڪنا آنا هنيا وڃن ٿا،نواز شريف کي پنهنجي غلطين جي سزا ملي رهي آهي.

عمران خان چيو ته سڀني کي خبر هئي ته نواز شريف ڪوڙ مٿان ڪوڙ پيو ڳالهائي، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن طاقتور کي سزا ملي ۽ قانون سڀني لاءِ برابر هئڻ گهرجي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*