تحريڪ انصاف جي چونڊ مهم زور شور سان جاري آهي

تحريڪ انصاف جي چونڊ مهم زور شور سان جاري آهي، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان اسلام آباد ۾ ورڪر ڪنوينشن کي خطاب ڪرڻ سان گڏ هري پور ۽ ايبٽ آباد ۾ جلسن کي به خطاب ڪندو.

سڄي ملڪ ۾ تحريڪ انصاف جي چونڊ مهم زور ۽ شور سان جاري آهي، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان اڄ اسلام آباد ۾ ورڪر ڪنوينشن کي خطاب ڪندو.

تحريڪ انصاف جا اڄ هري پور ۽ ايبٽ آباد ۾ به جلسا ٿي رهيا آهن، جنهن کي به عمران خان خطاب ڪندو.

هري پور ۾ ايليمنٽري ڪاليج گرائونڊ ۾ جلسي جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پنڊال ۾ هزارين ڪرسيون به لڳايون ويون آهن.

جلسي گاهه کي پارٽي جهنڊن ۽ بينرز سان سجايو ويو آهي، ڪارڪنن لاءِ ڊي جي سائونڊ سسٽم به لڳايو ويو  آهي.

هري پور گرائونڊ جي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پوليس جي وڏي نفري به مقرر ڪئي وئي  آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*