خيبرپختونخواهه جي ضلعي بنون ۾ متحده مجلس عمل جي اميدوار ملڪ شيرين مالڪ تي ٿيل بم حملي جي ايف آءِ آر سندس مخالف اميدوار ملڪ شاهه محمد خان ۽ سندس وڏي ڀاءُ ملڪ گل باز خان خلاف داخل ڪئي وئي آهي

خيبرپختونخواهه جي ضلعي بنون ۾ متحده مجلس عمل جي اميدوار ملڪ شيرين مالڪ تي ٿيل بم حملي جي ايف آءِ آر سندس مخالف اميدوار ملڪ شاهه محمد خان ۽ سندس وڏي ڀاءُ ملڪ گل باز خان خلاف داخل ڪئي وئي آهي، ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم به شامل ڪيا ويا آهن.

گذريل رات بڪا خيل ٿاڻي جي حد ۾ ريموٽ ڪنٽرول بم حملو ٿيو هو، جنهن ۾ ايف سي اهلڪار ۽ متحده مجلس عمل جي اميدوار سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.

بنون ۾ متحده مجلس عمل جي اميدوار ملڪ شيرين مالڪ تي ٿيل ريموٽ ڪنٽرول بم حملي جو ڪيس مخالف اميدوار ملڪ شاهه محمد خان ۽ سندس وڏي ڀاءُ ملڪ گل باز خان خلاف داخل ڪيو ويو آهي.

ريموٽ ڪنٽرول بم حملي ڪيس ۾ دهشتگردي سميت ٻيا ڪيترائي قلم شامل ڪيا ويا آهن.

ملڪ شاهه محمد خان صوبائي وزير به رهي چڪو آهي، سندس وڏو ڀاءُ ملڪ گل باز خان ضلعي ميمبر آهي.

ملڪ شيرين مالڪ پي ڪي 89 تان ايم ايم اي جو امدوار آهي، ريموٽ ڪنٽرول بم حملي کيس ان وقت نشانو بڻايو ويو، جڏهن هو هڪ چونڊ پروگرام ۾ شرڪت لاءِ علائقي ۾ موجود هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*