نگران حڪومت پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس گهٽائي ڇڏيو، پيٽرول ۽ گاسليٽ تي ٽيڪس جي شرح 17 مان گهٽائي 12 سيڪڙو ڪئي وئي

نگران حڪومت پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس گهٽائي ڇڏيو، پيٽرول ۽ گاسليٽ تي ٽيڪس جي شرح 17 مان گهٽائي 12 سيڪڙو ڪئي وئي، نون اگهن تي عمل شروع ٿي ويو آهي، نگران وزير علي ظفر چيو آهي ته پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس گهٽائڻ سان حڪومت کي ماهوار 10 ارب رپيا نقصان ٿيندو.

نگران حڪومت پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس گهٽائي ڇڏيو، پيٽرول ۽ گاسليٽ تي ٽيڪس جي شرح 17 مان گهٽائي 12 سيڪڙو ڪئي وئي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 4 رپيا 26 پئسا گهٽتائي کانپوءِ نئون اگهه 95 رپيا 24 پئسا ٿي ويو آهي.

ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 6 رپيا 37  پئسا گهٽتائي کانپوءِ نئون اگهه 112 رپيا 94 پئسا مقرر ڪيو ويو.

لائيٽ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾  5 رپيا 54 پئسا لاٿ کانپوءِ نئون اگهه 75 رپيا 37 پئسا مقرر ڪيو ويو آهي.

گاسليٽ جي في ليٽر قيمت ۾ 3 رپيا 74 پئسا لاٿ کانپوءِ نئين قيمت 83 رپيا 96 پئسا ٿي وئي.

نگران حڪومت پاران نوان اگهه فوري طور تي لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن تي عمل شروع ٿي ويو آهي.

نگران وزير علي ظفر چيو آهي ته پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس گهٽائڻ سان حڪومت کي ماهوار 10 ارب رپيا نقصان ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*