سڄي زندگي انساني خدمت کي ارپيندڙ “باباءِ خدمت” عبدالستار ايڌي جي اڄ ٻي ورسي ملهائي پئي وڃي

سڄي زندگي انساني خدمت کي ارپيندڙ “باباءِ خدمت” عبدالستار ايڌي جي اڄ ٻي ورسي ملهائي پئي وڃي،  مختلف شهرن ۾ تقريبون به ڪوٺايون ويون آهن، سندس انسانيت لاءِ ڪيل خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون.

سڄي زندگي انساني خدمت کي ارپيندڙ “باباءِ خدمت” عبدالستار ايڌي جي اڄ ٻي ورسي ملهائي پئي وڃي،  مختلف شهرن ۾ تقريبون به ڪوٺايون ويون آهن.

انساني خدمت کي ارپيندڙ “باباءِ خدمت” عبدالستار ايڌي 28 فيبروري 1928 ۾ انڊيا جي شهر بانٽوا ۾ پيدا ٿيو، 8 جولاءِ 2016 ۾ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ دم ڏنو،

عبدالستار ايڌي جو والد  وڻج واپار سبب گهر کان اڪثر ٻاهر رهندو هو، سندس تربيت ماءُ جي هٿن ۾ ٿي، کيس ننڍي هوندي کان ئي ماڻهن جي خدمت جو جذبو هوندو هو.

عبدالستار ايڌي ذهني اپاهجن ۽ غريبن سان تمام گهڻي همدردي ڪندو هو.

عبدالستار ايڌي سڀ کان پهرين سوشل آرگنائيزيشن سان گڏجي ڪم ڪيو. 2002 کان 2008 تائين سڄي پاڪستان ۾ ايڌي سينٽر گهڻي حد تائين سماجي ڪمن ۾ رڌل رهيا آهن.

ايڌي ويلفيئر آرگنائزيشن اها واحد آرگنائيزيشن آهي، جنهن وٽ پنهنجي ايئرايمبولينس به آهي، جنهن جي وسيلي اها دشوار جڳهن تي به پهچي امدادي ڪم سرانجام ڏيندي آهي.

عبدالستار ايڌي ساده لباس شخص هو، ڪڏهن به غرور جو اظهار نه ڪيو، هن غريب بکايل ماڻهن جي مدد لاءِ ڪشتو کڻي مختلف شهرن ۾ خيرات وٺڻ لاءِ ڪئمپون پڻ لڳايون.

سندس رضاڪارن 8 آڪٽوبر 2008 ۾ آيل خوفناڪ زلزلي ۾ هن بالاڪوٽ، ڪشمير ۽ ٻين متاثرن علائقن ۾ ترت پهچي خوب مدد ڪئي.

ناليوارو سماج سڌارڪ عبدالستار ايڌي ڪافي عرصو گردن جي تڪليف ۾ مبتلا هئڻ سبب 8 جولاءِ 2016 تي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*