ايم ڪيو ايم جو اڳوڻو مرڪزي اڳواڻ سليم شهزاد ڪينسر سبب لنڊن جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

ايم ڪيو ايم جو اڳوڻو مرڪزي اڳواڻ سليم شهزاد ڪينسر سبب لنڊن جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

وارثن موجب سليم شهزاد 2015 کان جگر ۽ گردي جي ڪينسر ۾ مبتلا هو، سندس طبيعت خراب ٿيڻ سبب کيس ڪجهه ڏينهن اڳ لنڊن جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي اڄ صبح لاڏاڻو ڪري ويو آهي.

هنن چيو ته ڊاڪٽرن سليم شهزاد لاءِ 36 ڪلاڪ اهم قرار ڏنا هئا، جنهن کان پوءِ هو لاڏاڻو ڪري ويو.

ذريعن موجب سليم شهزاد کي ڪراچي بدران لنڊن  ۾ دفنائڻ لاءِ غور ڪيو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*