ملتان ۾  مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر جي حمايت ۾ پاڻ کي زنجير ٻڌي احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو

ملتان ۾  مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر جي حمايت ۾ پاڻ کي زنجير ٻڌي احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو، مظاهرين چيو آهي ته هو پنهنجي قيادت جي حمايت ۾ احتجاج جاري رکندا.

ملتان ۾ مسلم ليگ ن جا ڪارڪن نواز شريف ۽ مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر جي حمايت ۾ روڊن تي نڪري آيا ۽ ڪچهري روڊ تي ٽائرن کي باهه ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽريفڪ جي اچ وڃ بند ٿي وئي.

احتجاج ڪندڙن پاڻ کي زنجيرن ۾ ٻڌي سخت احتجاج به ڪيو ۽ نعريبازي به ڪئي.

مظاهرين چيو ته اسان نوازشريف سان گڏ آهيون ۽ هميشه گڏ رهنداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*