پنجاب جي علائقي حافظ آباد ۾ چئن ورهين جي نينگري ٽن ڏينهن کان لاپتا آهي

پنجاب جي علائقي حافظ آباد ۾ چئن ورهين جي نينگري ٽن ڏينهن کان لاپتا آهي، وارثن جو چوڻ آهي ته  نينگري جي گم ٿيڻ جي رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي آهي پر پوليس ساڻن ڪو سهڪار نه پئي ڪري.

حافظ آباد جي شمس پورا پاڙي جي رهواسي جي چئن سالن جي ڌيءُ حرا فاطمه لاپتا ٿي وئي آهي، جنهن سبب گهر ۾ ڪهرام مچي ويو آهي.

محمد عمران گجر پنهنجي چئن ورهين جي ڌيءُ حرا فاطمه سان گڏ ريلوي لائن ويجهو ٻڪريون چاري رهيو هو ته لاپتا ٿي وئي، جنهن جي رپورٽ به سٽي ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي آهي.

وارثن جو چوڻ آهي ته ٽن ڏينهن کان سندن نياڻي گم آهي  پر هن وقت تائين پوليس کيس هٿ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، ساڻن ڪو به سهڪار نه  پيو ڪيو وڃي.

وارثن پنجاب جي نگران وڏي وزير حسن عسڪري کي اپيل ڪئي  ته سندن نياڻي کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*