ملڪي دريائن ۽ ڊئمز ۾ پاڻي جو بحران سنگين  ٿي ويو آهي

ملڪي دريائن ۽ ڊئمز ۾ پاڻي جو بحران سنگين  ٿي ويو آهي، تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح ڊيڊ ليول تائين پهچي وئي، فلڊ فورڪاسٽنگ ڊويزن طرفان تربيلا ڊئم ۾ پاڻيءَ جو ذخيرو 1386 فُٽ ۽ منگلا ڊئم ۾ پاڻي ذخيرو 11 سئو 22 فُٽ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، ڊئم ۾ پاڻيءَ جو ڇوڙ هڪ لک هڪ هزار  ۽ نيڪال 95 هزار 500 ڪيوسڪ آهي، نوشهره وٽ ڪابل درياءَ ۾ پاڻي وهڪرو 45 هزار 200 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

ملڪي دريائن ۽ ڊئمز ۾ پاڻي جو بحران سنگين  ٿي ويو آهي، تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح ڊيڊ ليول تائين پهچي وئي آهي.

ارسا جو چوڻ آهي ته  تربيلا ڊيم ڊيڊ ليول تي پهچي ويو آهي ۽ پاڻي جو ذخيرو به ختم ٿي چڪو آهي

ارسا موجب، تربيلا ڊيم 13 سئو 86 فٽ واري ڊيڊ ليول جي سطح تي پهچي ويو آهي،

ارسا موجب، تربيلا ڊيم مان پاڻي جو ڇوڙ هڪ لک 23 هزار ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته پاڻي جي آمد هڪ لک 15 هزار ڪيوسڪ آهي.

ارسا موجب، تربيلا جو انتهائي ليول 15 سئو 50 فٽ آهي، جڏهن ته چشما وٽ پاڻي جي آمد هڪ لک 87 هزار 9 سئو ڪيوسڪ آهي .

ارسا موجب، چشما وٽ پاڻي جو ذخيرو هڪ لک 81 هزار ايڪڙ فٽ آهي،  جڏهن ته چشما جهيل ۾ پاڻي جي سطح 644 فٽ آهي.

ارسا جو چوڻ آهي ته منگلا ۾ 8 لک 59 هزار ايڪڙ فٽ پاڻي جو ذخيرو موجود آهي،  جڏهن ته ڊيم جي ڊيڊ ليول 10 هزار 50 فٽ آهي.

ارسا موجب، منگلا ڊيم جي پاڻي سطح 11 سئو 22 فوٽ آهي، جڏهن ته پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 12 سئو 42 فٽ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*