ڪيپٽن  (ر) صفدر  گرفتاري ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته منهنجي غيرت جي تقاضا آهي ته گرفتاري ڏئي ڇڏيان

ڪيپٽن  (ر) صفدر  گرفتاري ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته منهنجي غيرت جي تقاضا آهي ته گرفتاري ڏئي ڇڏيان، پارٽي جيڪو فيصلو ڏنو،ان شهر مان گرفتاري ڏيندس، مان ننڍڙو ڪارڪن آهيان ۽ پارٽِ لاءِ ووٽ گهرندس، سردار يوسف جي قيادت ۾ مسلم ليگ ن جي اميدوار کي ووٽ ڏيو.

احتساب عدالت جي فيصلي کان پوءِ ڪئپٽن صفدر ڪٿي آهي، ڪنهن کي به خبر نه آهي، نيب ٽيمن پاران ڇاپا به هنيا پيا وڃن، جڏهن ته گذريل ڏينهن نيب ٽنهي جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ به جاري ڪيا هئا پر هن وقت تائين ڪئپٽن صفدر جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي ٿي آهي.

ڪئپٽن صفدر اڄ پنهنجي آڊيو پيغام ۾ گرفتاري ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجي آڊيو پيغام ۾ ڪئپٽن صفدر جو چوڻ هو ته غير جي تقاضا آهي ته اڄ پنهنجي گرفتاري ڏئي ڇڏيا. جتان پارٽي گرفتاري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، اتان گرفتاري ڏيندس.

ڪئپٽن صفدر چيو ته سڄي ملڪ ۾ مسلم ليگ ن سويپ ڪندي، مان مسلم ليگ ن جو ننڍڙو ڪارڪن آهيان ۽ پارٽي لاءِ ووٽ گهردن، سردار محمد يوسف جي قيادت ۾ مسلم ليگ ن جي اميدوار کي ووٽ ڏنو وڃي.

ٻئي طرف نيب  خيبر پختونخوا جي ٽيم به ايبٽ آباد پهچي وئي آهي، جڏهن ته ايبٽ آباد ۾ ڪيپٽن (ر) صفدر جي گهر جي نيب ٽيم مانيٽرنگ به ڪري رهي آهي.

ڪي پي ڪي انتظاميا ۽ پوليس به نيب ٽيم جي مدد ڪرڻ لڳي پئي آهي،

ذريعن موجب، نيب جون  3 ٽيمون مانسهره، ايبٽ آباد ۽ هري پور ۾ موجود آهن.

نيب ذريعن موجب، اسلام آباد ۽ لاهور ايئرپورٽ تي 13 جولاءِ تي نيب جون ٽيمون الرٽ رهنديون، نيب ايون فيلڊ ريفرنس جي عدالتي فيصلي تي هر صورت ۾ عملدرآمد کي يقيني بڻائيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*