پنجاب جي شهر اوچ شريف ۾ بلاول ڀٽو جي رستا روڪ خلاف لاڙڪاڻو ۾ پ پ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو

پنجاب جي شهر اوچ شريف ۾ بلاول ڀٽو جي رستا روڪ خلاف لاڙڪاڻو ۾ پ پ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو، پي پي جي ڪارڪنن جناح باغ چوڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي زودار نعريبازي ڪئي.

 ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا کي ٻڌايو ته چونڊ مهم هلائڻ جو سڀني کي حق حاصل آهي، پنجاب پوليس پ پ چيئرمين جي رستي روڪ ڪري ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهي ٿي.

 هنن جو چوڻ هو ته پ پ کي چونڊ مهم کان روڪڻ هڪ سازش آهي جنهن جي هو مذمت ڪن ٿا.

 هنن مطالبو ڪيو آهي ته اليڪشن ڪميشن فوري معاملي جو نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪري.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*