دنيا جو سڀ کان وڏو مسافر بردار جهاز ايئر بيس 380 دبئي کان اسلام آباد ايئرپورٽ تي 650 ماڻهن کي کڻي پهچي ويو آهي

دنيا جو سڀ کان وڏو مسافر بردار جهاز ايئر بيس 380 دبئي کان اسلام آباد ايئرپورٽ تي 650 ماڻهن کي کڻي پهچي ويو آهي.

دنيا جو سڀ کان وڏو مسافر بردار جهاز ايئر بيس 380 دبئي کان اسلام آباد ايئرپورٽ تي پهچي ويو آهي.

جهاز ۾ پاڪستاني سفير ۽ ٻيون شخصيتون سوار هيون، جن ۾ دبئي جي شاهي خاندان جا ماڻهو به شامل هئا.

دنيا جي سڀ کان وڏي جهازکي 4 انجڻيون آهن، جيڪو 950 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اڏام ڀرڻ جي سگه رکي ٿو.

هن جهاز ۾ 800 کان وڌيڪ ماڻهو هڪ وقت سوار ٿي سگهن ٿا، هن جهاز کي ٻن ماڙن ۾ تقسيم ڪيوو يو آهي،

ڊبل ڊيڪر جهاز ايئربيس 380 مان ماڻهن کي لاهڻ لاءِ 2 بورڊنگ برجز لڳايون ويون آهن، هي جهاز هفتي ۾ چار ڀيرا اسلام آباد ۾ لينڊنگ ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*