صدر ممنون حسين 3 ڏينهن سرڪاري دوري تي ترڪي روانو ٿي ويو

صدر ممنون حسين 3 ڏينهن سرڪاري دوري تي ترڪي روانو ٿي ويو، سينيٽ چيئرمين وقتي صدر جون ذميواريون سڀنالي ورتيون، صدر ممنون ترق وزيراعظم ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو.

صدر ممنون حسين ٽن ڏينهن واري سرڪاري دوري تي ترڪي روانو ٿي ويو آهي، جنهن بعد سينيٽ چيئرمين وقتي صدر جون ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن.

دوري دوران صدر ممنون حسين پنهنجي منصب رجب طيب اردگان ۽ ترڪ وزيراعظم بن علي يلدرم سان ملاقاتون ڪندو.

ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن، ڪشمير ۽ فلسطين جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*