دادو، ڀان سيد آباد، رتوديرو، چوهڙ جمالي، گهوٽڪي ۽ هالا ۾ مختلف روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا

دادو، ڀان سيد آباد، رتوديرو، چوهڙ جمالي، گهوٽڪي ۽ هالا ۾ مختلف روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

دادو ويجهو جوهي ٽول پلازا تي موٽر سائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 35 ورهين جو عبدالحڪيم چهواڻ ٿڏي تي فوت ۽ حق نواز ۽ سوز علي چهواڻ زخمي ٿي پيا.

حادثي کانپوءِ جوابدار رڪشا ڊرائيور فرار ٿي ويو، جڏهن ته حادثي جي زخمي حق نواز کي ڳڻتي جوڳي حالت هئڻ ڪري نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ڀان سيد آباد جي لڪي شاهه صدر ويجهو ڄاڃين سان ڀريل مزدا ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ نينگري فوت ۽ 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

حادثي جو شڪار ٿيل ڄاڃين جو تعلق دادو سان آهي.

رتوديرو ويجهو لاڙڪاڻو روڊ تي خروس لاڙي وٽ وين ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار لاڙڪاڻي واسي امداد ڀٽو ٿڏي تي فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي پيو.

چوهڙ جمالي ۾ شاهه يقيق روڊ تي موٽرسائيڪل ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ لاڏيون واسي موٽرسائيڪل سوار امام بخش عالماڻي ۽ سندس پٽ زخمي ٿي پيا.

اسپتال منتقلي دوران زخمي امام بخش عالماڻي رستي ۾ دم ڏنو.

گهوٽڪي ويجهو جهانپور لنڪ روڊ تي موٽرسائيڪل ۽ ٽانگي ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن ۾ جهانپور واسي نوجوان اختر لانگاهه ٿڏي تي فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ھالا ويجهو قومي شاھراهه تي سانڌاڻ واري هنڌ ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان فوت ٿي ويو، ريسڪيو ٽيمن حادثي واري هنڌان لاش هالا اسپتال منتقل ڪيو.

حادثي ۾ فوت ٿي ويل نوجوان جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*