پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته هو عمرڪوٽ جي عوام کي غلامي کان نجات ڏيارڻ تائين عمرڪوٽ ايندو رهندو

پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته هو عمرڪوٽ جي عوام کي غلامي کان نجات ڏيارڻ تائين عمرڪوٽ ايندو رهندو، بلاول ڀٽو کي چيو هو ته پيءُ کان آزادي وٺي نه ته سندس سياست نه هلي سگهندي.

ساماري ۾ جلسي کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته هو عمرڪوٽ ضلعي ۾ سيٽ وٺڻ نه پر غريب عوام کي ظالمن کان نجات ڏيارڻ آيو آهي.

هن چيو ته ڀٽو جي سياست نظرياتي هئي پر هاڻ پ پ نه پر اڄ زرداري ليگ بچي آهي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته جن جي پير ۾ جُتي نه هئي اڄ اهي ڪرپشن ڪري ارب پتي بڻجي ويا آهن.

شاهه محمود قريشي چيو ته پنجاب مان پ پ جو صفايو ٿي ويو، خيبرپختونخوا ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي ته پوءِ سنڌ ۾ ڇو نه؟

هن چيو ته هو عمرڪوٽ ضلعي جي عوام کي غلامي کان نجات ڏيارڻ هتي پهتو آهي، جيستائين زرداري جي سياست کان نجات نه ڏياريندو تيستائين هتي ايندو رهندو.

شاهه محمود قريشي 17 جولاءِ تي عمرڪوٽ ۾ به جلسو ڪرڻ  جو اعلان ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*