ماتلي ۾ هوٽل تي زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٻن ٻارڙن سميت 10 کان وڌيڪ ماڻهو بيهوش ٿي پيا، جن مان هڪ ڄڻي کي ڳڻتي جوڳي حالت هئڻ ڪري حيدرآباد منتقل ڪيو ويو

ماتلي ۾ هوٽل تي زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٻن ٻارڙن سميت 10 کان وڌيڪ ماڻهو بيهوش ٿي پيا، جن مان هڪ ڄڻي کي ڳڻتي جوڳي حالت هئڻ ڪري حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.

ماتلي ۾ قائم تلهار مال پڙي ۾ هوٽل جو زهريلو کاڌو کائڻ سبب طالب سولنگي، مير حسن، يار محمد، طالب، يوسف سولنگي، محمد امين چانهيو، علي نواز ٽالپر، پنجن ورهين جو ارباب سولنگي ۽ 8 ورهين جي نينگري زينب سيمت 10 کان وڌيڪ بيهوش ٿي ويا.

بيهوش ٿيلن کي ماتلي اسپتال ۽ ٽنڊو غلام حيدر جي اسپتالن منتقل ڪيو ويو، جتان هڪ ڄڻي واپاري علي نواز ٽالپر کي ڳڻتي جوڳي حالت هئڻ ڪري حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو.

کاڌو کائڻ سبب بيهوش ٿيل واپار مال پڙي ۾ چوپائي مال جي سلسلي ۾ آيل هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*