ايون فيلڊ ريفرنس ۾ گرفتار مسلم ليگ ن جو مرڪزي اڳواڻ ڪئپٽن (ر) صفدر کي احتساب عالت هڪ سال لاءِ اڍيالا جيل موڪلي ڇڏيو

ايون فيلڊ ريفرنس ۾ گرفتار مسلم ليگ ن جو مرڪزي اڳواڻ ڪئپٽن (ر) صفدر کي احتساب عالت هڪ سال لاءِ اڍيالا جيل موڪلي ڇڏيو، عدالت کيس ايون فيلڊ ريفرنس ۾ هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ نيب گذريل ڏينهن حراست ۾ ورتل مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ ڪئپٽن صفدر کي سخت سيڪيورٽي ۾ پيس ڪيو.

ان موقعي تي پوليس ۽ رينجرز جا غير معمولي سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا هئا، جڏهن ته عدالت جي احاطي ۾ هڪ بڪتر بند گاڏي به آندي وئي هئي.

ڪئپٽن صفدر جي احتساب عدالت ۾ پيشي سبب ميڊيا کي ڪوريج ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي.

نيب ڪئپٽن صفدر کي احتساب عدالت جي جج محمد بشير آڏو پيش ڪيو.

نيب جي جاچ آفيسر ٻڌايو ته ڪئپٽن صفدر ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزايافته ڏوهاري آهي، عدالت کي استدعا آهي ته ڪئپٽن صفدر کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪليو وڃي.

احتساب عدالت جي جج محمد بشير جوابدار کان پڇا ڪئي ته اوهان کي فيصلي جي ڪاپي ملي وئي آهي، جنهن تي ڪئپٽن صفدر چيو ته عدالتي فيصلي جي ڪاپي ملي وئي آهي.

احتساب عدالت ڪئپٽن صفدر کي اڍيالا جيل موڪلي ڇڏيو،

واضح رهي ته احتساب عدالت ايون فيلڊ ريفرنس ۾ ڪئپٽن صفدر کي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.

نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪئپٽن صفدر کي پناهه ڏيندڙن جي نشاندهي ڪئي آهي، جن خلاف ڪارروائي ٿيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*