باڊهه ڀرسان سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٻارڙن جي ڳالهه تان جهيڙي جي نتيجي ۾ لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب عورت سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

باڊهه ڀرسان سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٻارڙن جي ڳالهه تان جهيڙي جي نتيجي ۾ لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب عورت سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

شھر جي ڀٽي چوڪ وٽ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٻارڙن جي ڳالھه تان جهيڙو  ٿي پيو، جنهن دوران لٺيون ۽ سروٽا  لڳڻ سبب عورت مسمات حليما سولنگي فياض سولنگي ۽ محبوب سولنگي زخمي ٿي پيا.

پوليس پهچي جهيڙو ٽارڻ بعد زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*