پيپلزپارٽي اڄ ملتان ۾ عوامي طاقت جو مظاهرو ڪري رهي آهي

پيپلزپارٽي اڄ ملتان ۾ عوامي طاقت جو مظاهرو ڪري رهي آهي، جلسي کي پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندو، جلسي جون تياريون به مڪمل ڪيون ويون آهن.

سڄي ملڪ ۾ چونڊ سرگرميون تيز ٿي ويون آهن، پيپلزپارٽي به اڄ ملتان ۾  پاور شو ڪري رهي آهي.

ترجمان علي قاسم گيلاني موجب، بلاول ڀٽو شام 4 وڳي پيپلز سيڪرٽريٽ کان ريلي جي صورت ۾ روانو ٿيندو  ۽ سيدان والا باءِ پاس تي علي حيدر گيلاني جي استقبالي ڪيمپ پهچندو. جڏهن به بلاولڀ ٽو بهاولپور باءِ پاس تي جلسي کي خطاب به ڪندو.

ترجمان علي قاسم گيلاني چيو ته بلاول ڀٽو زرداري اڊا لاڙ کان ٿيندي شجاع آباد پهچندو ۽ مين ٿاڻي چوڪ وٽ جلسي کي خطاب ڪندو، جنهن به هو بوسن روڊ واپس پيپلزسيڪريٽريٽ پهچندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*