راولپنڊي ۾ ن ليگ جي ريلي دوران ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪرڻ سبب  ڪيپٽن (ر) صفدر سميت ڪيترن ئي اڳواڻن تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن

راولپنڊي ۾ ن ليگ جي ريلي دوران ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪرڻ سبب  ڪيپٽن (ر) صفدر سميت ڪيترن ئي اڳواڻن تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، متن موجب، ن ليگ اڳواڻن ريلي دوران ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪئي. جنهن سبب ڪيس قلم 147، 148 ۽ 341 تحت داخل ڪيو ويو آهي.

راولپنڊي ۾ ن ليگ جي ريلي دوران ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪرڻ سبب  ڪيپٽن (ر) صفدر، چوڌري تونير، دانيال چوڌري، راجا حنيف،شيخ ارسلان ۽ ضياءَ الله سميت 15 اڻڄاتل ماڻهن خلاف وارٽ خان ٿاني تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ڪيس ۾ مسلم ليگ ن جي قومي اسيمبلي جو هڪ ۽ صوبائي اسيمبلي جا ٻه اميدوار نامزد آهن، ليگي اڳواڻن خلاف ڪيس ٿاڻي وارث خان جي ايس ايڇ او جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ قلم 147، 148، 188 ۽ 341 شامل آهن.

ڪيس جي متن موجب، سزايافته جوابدار ڪئپٽن صفدر ريلي جي قيادت ڪئي ۽ روڊ بلاڪ ڪيو ۽ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙِي ڪئي.

ٻيو ڪيس ڪئپٽن صفدر خلاف راولپنڊي جي نيو ٽائون ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*