شهدادپور ويجهو بزنس ايڪسپريس جي بوگي پٽڙي تان لهي وئي

شهدادپور ويجهو بزنس ايڪسپريس جي بوگي پٽڙي تان لهي وئي، جنهن ۾ ريل گاڏي ۾ سوار مسافر ڪنهن وڏي نقصان کان محفوظ رهيا.

لاهور کان ڪراچي ويندڙ بزنس ايڪسپريس جي بوگي شهدادپور ريلوي اسٽيشن ويجهو پٽڙي تان لهي وئي.

حادثي جي نتيجي ۾ بزنس ايڪسپريس ۾ سوار مسافر ڪنهن به نقصان کان محفوظ رهيا، پر مسافر خوف ۾ ورتل رهيا.

حادثي کانپوءِ ريلوي ٽريڪ تي گاڏين جي اچ وڃ ٻن ڪلاڪن تائين متاثر رهي، جنهن کانپوءِ ريلوي اختيارين حادثي جو شڪار ٿيل ٽرين جي بوگي کي ڌار ڪري ريلوي ٽريڪ بحال ڪيو، جڏهن ته ٽن ڪلاڪن کانپوءِ بزنس ٽرين کي به بحال ڪري پنهنجي منزل طرف روانو ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*