ڳڙهي خيرو جي بيگاري ڪئنال مان نڪرندڙ مختلف شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف جسقم ۽ آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو آهي

ڳڙهي خيرو جي بيگاري ڪئنال مان نڪرندڙ مختلف شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف جسقم ۽ آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو آهي.

آبادگارن ديدار عمراڻي، يونس رند، عابد جمالي ۽ ٻين جي اڳوڻي ۾  سنڌ -بلوچستان سان ملندڙ بارڊر بيگاري پل تي ٽائر ساڙي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرين چيو ته بيگاري ڪئنال مان نڪرندڙ مختلف شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ  سبب فصل تباهه ٿي ويا آهن، جنهن ڪري آبادگارن کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهتو آهي.

هنن چيو ته منڊ تي بااثرن کي پاڻي وڪرو ڪيو پيون وڃي ۽ پڇڙي ۾ آبادگار معاشي بدحالي جو  شڪار ٿي رهيا آهن، پر ڪير به سندن دانهن ٻڌڻ وارو ناهي.

هنن نگران حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پاڻي جي کوٽ جلد پوري ڪري  فصل تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*