احتساب عدالت شريف ڪٽنب خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي 12 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

احتساب عدالت شريف ڪٽنب خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي 12 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت نوازشريف جي ٽن ڏينهن واري حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ پاران ڏنل وقت ختم ٿي رهيو آهي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي جج محمد بشير ڪئي. جنهن دوران وڪيل خواجا حارث ۽ جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران نوازشريف جي وڪيل خواجا حارث احتساب عدالت جج تي اعتراض ڪندي چيو ته اوهان منهنجي موڪل خلاف هڪ ريفرنس ۾ فيصلو ٻڌائي چڪا آهيو، جنهن سبب هاڻ اوهان العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ ريفرنس نٿا ٻڌي سگهو.

احتساب عدالت جي جج خواجا حارث کي مخاطب ٿيندي چيو ته هاڻ اوهان ئي ٻڌايو ڇا ڪيون، جنهن تي خواجا حارث جو چوڻ هو ته اوهان هن معاملي تي سپريم ڪورٽ کي خط لکو ۽ آگاهه ڪيو، هاءِ ڪورٽ کي به آگاهه ڪيو ته اوهان وڌيڪ ٻه ريفرنس نٿا ٻڌي سگهون.

خواجا حارث چيو ته سمورن ريفرنسز جو فيصلو هڪ وقت ٻڌايو وڃي، جنهن تي جج محمد بشير چيو ته سپريم ڪورٽ کي لکڻ منهنجو ڪم آهي ۽ اهو مان لکي ڏيندس.

ڪيس جي ٻڌڻي دوران بيگم ڪلثوم نواز جي ميڊيڪل رپورٽ به عدالت ۾ پيش ڪئي وئي ۽ نواشريف جي حاضري کان پنجن لاءِ ڇوٽ واري درخواست ۾ جمع ڪرائي وئي.

وڪيل خواجا حارث چيو ته نوازشريف ۽ مريم نواز جمعي تي ڏيهه واپس اچي رهيا آهن، جنهن سبب ٻڌڻي کي سومر تائين ملتوي ڪي وڃي ۽ سپريم ڪورٽ جي هدايت بعد ڪيس جي ڪارروائي اڳتي وڌائي وڃي.

احتساب عدالت جي جج خواجا حارث جي درخواست منظور ڪندي نوازشريف جي ٽن ڏينهن لاءِ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي ۽ ٻڌڻي 12 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*