سنڌ هاءِ ڪورٽ اسلامڪ ايجوڪيشن ٽرسٽ جي عمارت خالي ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي حڪم تي عمل ڪرڻ لاءِ 9 آگسٽ تائين مهلت ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ اسلامڪ ايجوڪيشن ٽرسٽ جي عمارت خالي ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي حڪم تي عمل ڪرڻ لاءِ 9 آگسٽ تائين مهلت ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

 عدالت ۾ اسلامڪ ايجوڪيشن ٽرسٽ جي عمارت خالي نه ڪرڻ خلاف توهين عدالت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي وئي.

سرڪاري وڪيل دليلن ۾ چيو ته فريادي پاران حق واري دعويٰ شڪي آهي.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته 30 سالن کان فريادي ڌڪا کائي رهيو آهي، فيصلو به سندس حق ۾ اچي چڪو آهي پوءِ به چئي رهيا آهيو ته حق واري دعويٰ شڪي آهي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته ماتحت عدالت نيو ايم اي جناح روڊ تي واقع اسلاميه ڪاليجز ۽ اسڪولن جي عمارت خالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي.

درخواست ۾ تعليم واري سيڪريٽري  سيڪريٽري ڪاليجز ۽ پرنسپلز کي ڌر بڻايو ويو آهي.

عدالت سنڌ حڪومت کي حڪم تي عمل ڪرڻ لاءِ 9 آگسٽ تائين مهلت ڏيندي توهين عدالت درخواست جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*