مونکي ڊپ آهي ته زرداري ۽ نواز شريف هڪ نه ٿي وڃن،پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي

پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مونکي ڊپ آهي ته زرداري ۽ نواز شريف هڪ نه ٿي وڃن، نواز شريف کي سزا خلاف اپيل جو حق آهي پر ملڪ ۾ اچي ڪا گڙٻڙ ڪيائين ته اها جمهوريت خلاف هڪ وڏي سازش هوندي.

ڇاڇرو ۾ چونڊ مهم دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته نواز شريف ملڪ اچي ۽ قانون موجب پنهنجو ڪردار ادا ڪري، کيس پنهنجي حق ۾ صفائي پيش ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو وقت مليو هو، پر هو ان ۾ ناڪام ٿي ويو.

هن چيو ته نواز شريف کي سزا خلاف اپيل جو حق آهي، پر هتي اچي ڪا گڙٻڙ ڪيائين ته اها جهموريت خلاف سازش هوندي.

پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ چيو ته کيس ڊپ آهي ته زرداري ۽ نواز شريف هڪ نه ٿي وڃن.

شاهه محمود قريشي چيو ته گذريل چونڊن ۾ ٿرپارڪر ۾ کيس هٿ وٺي هارايو ويو پر هن ڀيري اهڙي صورتحال نه آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*