ڪراچي جي مقامي عدالت ڊاڪٽر فاروق ستار خلاف لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪيس جي ٻڌڻي 30 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

ڪراچي جي مقامي عدالت ڊاڪٽر فاروق ستار خلاف لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪيس جي ٻڌڻي 30 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر فاروق ستار پيش ٿيو.

عدالت جاچ آفيسر کي هدايت ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي تي ڊاڪٽر فاروق ستار کي نقل فراهم ڪيا وڃن.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته شهر مان ايم ڪيو ايم جا پوسٽرز ۽ جهنڊا لاٿا وڃن ٿا، اسان جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو.

ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، وڏيون پارٽيون اشتهارن تي ڪروڙين ۽ اربين روپيا خرچ ڪري رهيون آهن، غريب پارٽيون اشتهاري مهم ڪيئن هلائين.

هن چيو ته سيلفي ڪڍڻ جي قيمت وڌائي ڇڏي آهي، پهرين صرف اڍائي سو ووٽ هئا، هاڻي 5 ٻوٽا لڳائڻ جو به شرط آهي.

ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته سخت گرمي ۾ ماڻهن کي وڻن جي ڇانو جي ضرورت آهي، ان ڪري ٻوٽا لڳائڻ گهرجن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*