لاڙڪاڻي جي آبڙي واهه سميت مختلف شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو آهي

لاڙڪاڻي جي آبڙي واهه سميت مختلف شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو آهي.

آبادگارن رحيم بخش ککراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ايريگيشن آفيس آڏو مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ضلعي جي  مختلف شاخن ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان پاڻي جي کوٽ آهي، جنهن ڪري فصل تباهه ٿي رهيا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي جي کوٽ فوري طور ختم ڪري معاشي بدحالي کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*