سپريم ڪورٽ ۾ ايم ڊي پي ٽي وي جي مقرريءَ واري ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار جي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ ظاهر جو اظهار

سپريم ڪورٽ ۾ ايم ڊي پي ٽي وي جي مقرريءَ واري ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار جي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ ظاهر جو اظهار ڪندي ناڻي واري وزارت جي عملدارن کي طلب ڪري ورتو، چيف جسٽس چيو آهي ته اسحاق ڊار بار بار طلب ڪرڻ باوجود عدالت ۾ پيش نه ٿيو، کيس واپس گهرائڻ لاءِ جيڪو به ڪرڻو پيو ڪنداسين، اسحاق ڊار جو پاسپورٽ معطل ۽ سندس خلاف ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ وارن آپشنز تي به غور ڪري سگهجي ٿو.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ بينچ ايم ڊي پي ٽي وي جي مقرري واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.  اڳوڻو ايم ڊي پي ٽي وي عطاءَ الحق قاسمي جو وڪيل ۽ اٽارني جنرل پيش ٿيا.

چيف جسٽس پڇا ڪئي ته اسحاق ڊار آيو آهي،  جنهن تي اٽارني جنرل جواب ڏنو ته اسحاق ڊار نه نه آيو آهي.

چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ناڻي وارو اڳوڻو وزير نه ٿو اچي ته سندس پاسپورٽ رد ڪيو وڃي.

چيف جسٽس چيو ته اسحاق ڊار عدالت جي گهرائڻ تي به نه آيو ته اها عدالت جي توهين هوندي.

چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ پاران طلب ڪرڻ ڪا مذاق جي ڳالهه نه آهي، هر ڀيري اسحاق ڊار جو پراڻو ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ اچي ويندو آهي.

چيف جسٽس چيو ته ضرروت پئي ته اسحاق ڊار خلاف ريڊ وارنٽ به جاري ڪرڻ تي غور ڪنداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*