سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف جي پي پي 23 چڪوال جي اميدوار سردار آفتا اڪبر ۽ اين اي 64 جي آزاد اميدوار سردار غلام عباس جي چونڊ بابت درخواست رد ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف جي پي پي 23 چڪوال جي اميدوار سردارآفتاب اڪبر ۽ اين اي 64 جي آزاد اميدوار سردار غلام عباس جي چونڊ بابت درخواست رد ڪري ڇڏي، جنهن بعد ٻئي اميدوار 2018 ع جي چونڊن جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿي ويا آهن.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سردارآفتاب اڪبر ۽ آزاد اميدوار سردار غلام عباس  جي درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته انهن جو ته انڪم ٽيڪس رڪارڊ ئي نه آهي، جنهن تي وڪيل ڪامران مرتضيٰ چيو ته انڪم ٽيڪس رڪارڊ ان ڪري ناهي جو سندن آمدني ئي نه آهي.

جنهن تي  چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن آمدني ناهي ته  پوءِ اليڪشن ڪئين وڙهندا.

جسٽس اعجاز الحسن چيو ته اوهان ته ملڪيت به ظاهر ناهي ڪئي، جنهن تي ڪامران مرتضيٰ جواب ڏنو ته سموري ملڪيت ظاهر ڪئي آهي، اها خانداني دولت آهي.

چيف جسٽس چيو ته اوهان جي اصيل جو ته اين ٽي اين نمبر به نه آهي. افسوس آهي جو اسان جا عوامي نمائندا اعليٰ معيار تي مشڪل سان پورو لهندا آهن.

سپريم ڪورٽ ٻنهي درخواستن کي رد ڪندي چيو ته درخواستون رد ٿيڻ بعد سبب تفصيلي فيصلي ۾ ٻڌايا ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*